پروانو ميراجي

پروانو ميراجي: بروهي زبان جو شاعر غلام رسولپروانو‘ ميراجي ولد پير بخش ميراجي، 1 آگسٽ 1970ع تي جنگي وال کيرٿر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ديني ۽ سنڌي تعليم مدرسه عربيه محمديه فريدآباد، ضلعي دادوءَ مان ورتائين. ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ-1 مان ڏنائين. انٽـر گـورنمينٽ ڊگـري ڪـاليج خيرپـور ناٿـن شـاهه مان ڏئي، بي. اي سـنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان پاس ڪري پرائمري اُستاد ٿيو. ان کان سواءِ اوپن انٽرنيشنل يونيورسٽي فار ڪمپليمينٽري ميڊيسن سريلنڪا ڪئمپس ڪراچيءَ مان ڊگري وٺي طب جي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪيائين. 1988ع کان براهوي ادب سان لاڳاپيو. شاعري4 کان سواءِ ڪافي تحقيقي مقالا به لکيا اٿس. جڙي ٻوٽين تي سندس براهوي زبان ۾ لکيل پهريون تحقيقي ڪتاب ”پيهي ڦلي“ (گل بابونه) 101 صفحن تي مشتمل براهوي اڪيڊمي ڪوئيٽا 2001ع ۾ ڇپائي، جنهن جي ادبي حلقن ۾ وڏي مڃتا ٿي. هي براهويءَ کان سواءِ اردوءَ ۾ به لکي. براهويءَ جو سٺو شاعر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.08.01  عيسوي

بروهي زبان جو شاعر غلام رسول ’پروانو‘ ميراجي ولد پير بخش ميراجي، 1 آگسٽ 1970ع تي جنگي وال کيرٿر ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الطاف عباسي
دبير مرزا
سيد رحمت الله بکري
ڀائي ڌرمداس
عالي ميمڻ حافظ
عبدالرحيم گرهوڙي شهيد
اميد علي شاهه رضوي
سيد علي اڪبر شاهه ثاني
منشي ٻالچند
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون